دائودپوٽن ۽ ڏهرن جي جنگ

دائودپوٽن ۽ ڏهرن جي جنگ: ڪتاب ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته: ”بختيار خان جڏهن شڪارپور ۾ دائود پوٽن کي گهڻو تنگ ڪيو، تڏهن دائودپوٽا فساد کان بچڻ خاطر شڪارپور کي ڇڏي وڃي ’ٺٽي ميران شاهه‘ ۾ آباد ٿيا. اتي بختيار خان جو پٽ جهان خان زميندار هو. جهان خان پيءُ جي روش جي بلڪل ابتڙ، هنن سان انتهائي عزت سان پيش آيو ۽ زمين جو هڪ ٽڪرو محمد پني خان جي حوالي ڪيائين. محمد پني خان اتي هڪ قلعو تعمير ڪرايو. جهان خان، دائود پوٽن جي صرف پنهنجن مفادن خاطر عزت ڪئي، ڇو جو جهان خان جي پاڙي ۾ ڏهر ذات وارا رهندا هئا، جيڪي سندس جاني دشمن هئا. جڏهن دائودپوٽن جا سردار ۽ لشڪر قلعي ۾ اچي آباد ٿيا، تڏهن جهان خان، امير محمد مبارڪ کي عرض ڪيو ته اوهين منهنجي مدد ڪريو، ڏهرن مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. امير محمد مبارڪ هن جي درخواست قبول ڪئي ۽ ڏهرن خلاف خونريز لڙائيءَ جي تياري ٿي. ڏهر ذات وارن کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي تڏهن سندن ٻچو ٻچو مقابلي لاءِ تيار ٿيو. آخرڪار ٻنهي ڌرين ۾ گهمسان جي جنگ لڳي. آخر امير محمد مبارڪ خان جي پهلوانن خاص ڪري محمد پني خان همت ڪري ڏهرن جي ڪيترن پهلوانن کي قتل ڪري ڇڏيو، جنگ ۾ دائودپوٽن ۽ جهان خان کي فتح حاصل ٿي ۽ بچيل ڏهرن پناهه ۽ امان جي گذارش ڪئي. اهڙيءَ طرح جهان خان جو پنهنجو مطلب ۽ مقصد به پورو ٿيو ته دائودپوٽن کي به زمين ملي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو